Tuesday 11 July 2017

Message




هڪ مشهور ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن پير سائين شاه مردان شاه کي اچي عرض ڪيو قبلا سائين اوهانجو هڪ اهم شخص آهي جيڪو درگاه جي خزاني مان پنهنجي ذاتي حيثيت تي به پنهنجي مٿان خرچ ٿو ڪري ڪٿي درگاه جي خزاني کي نقصان نه ٿي پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!
پاڻ فرمايائون اوهان پنهنجي ڪم سان ڪم رکو مان پاڻ ان شخص کان پڇا ڪندس .....
هڪ ڏينهن اهو اهم شخص درگاه شريف تي آيو ته پاڻ پير سائين شاه مردان شاه وٽ آيو ۽ اچي مليو پير سائين شاه مردان شاه ان شخص کي چيو ويھ جيپ ۾ ته توکي درياء گهمائي اچان پاڻ ان شخص کي درياء جي ڪناري تي وٺي وڃي ڇڏيائون ۽ فرمايائون ته هن مان پاڻي پي ان شخص 9 ، 10 ٻڪ پاڻي جا پيتا ۽ بس ڪيائون ته پير سائين شاه مردان شاه فرمايو اڃا پي ته ان شخص چيو ته قبلا جيتري گنجائش هئي ايترو پيتو اٿم اڳتي گنجائش ناهي ته ان تي پير سائين شاه مردان شاه جن فرمايائون ته اسان جو خزانو ان درياء وانگر آهي خزاني کي کائڻ وارا کٽي ويندا پر خزانو ۽ نگر قيامت تائين ڪون کٽندو انتي اهو شخص پير سائين شاه مردان شاه جي قدمن تي ڪري معافي گهرڻ لڳو قبلا مونکي معاف ڪيو مونکا غلطي ٿي وئي آ انتي پاڻ فرمايائون ته توکي معافي پر هي خزانا عرش کان ڀريل آهن هتي کائڻ وارا کٽي ويندا پر خزانا قيامت تائين نه کٽندا سبحان الله
______!!

No comments:

Post a Comment

pir sain

I LOVE PIR SAIN PAGARA